ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ عامر خان وفاقي حڪومت سان اتحاد جي ڳالهه ڪري ڇڏي آهي. ميرپورخاص جي علائقي هري آباد ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي عامر خان چيو ته هن وفاق ۾ مسلم ليگ ن سان معاهدو ڪيو ۽ سنڌ ۾ ورڪنگ رليشن قائم ڪيو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو موجوده حڪومت سان لکت ۾ معاهدو ٿيو آهي، جڏهن اسان جا ووٽ عمران خان کي هٽائي سگهن ٿا ته پوءِ عوام به هن حڪومت مان جان ڇڏائي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ آر ٽي ايس سسٽم لڳايو ويو ۽ نتيجا تبديل ڪيا ويا پر ان جي باوجود ايم ڪيو ايم 7 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب وئي. عامر خان چيو ته پارٽي پي ايس پي جيڪا پنهنجو وڏو وزير آڻڻ جي دعويٰ ڪري رهي هئي، ان کي مهاجرن جي ماڻهن هڪ سيٽ به نه ملڻ ڏني.










