اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيئر صحافي ارشد شريف جو پوسٽ مارٽم پمز اسپتال ۾ نه ڪيو ويندو.پمز عملدارن موجب ارشد شريف جي پوسٽ مارٽم لاءِ پمز اسپتال جو مرده خانو ڪم نه پيو ڪري، مرده خاني ۾ مرمت جو ڪم جاري آهي.پمز عملدارن جو چوڻ آهي ته ارشد شريف جو پوسٽ مارٽم هاڻي هولي فيملي اسپتال راولپنڊي يا قائداعظم اسپتال ۾ ڪيو ويندو، جتي پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن جي 3 رڪني ٽيم ارشد شريف جو پوسٽ مارٽم ڪندي.










