ادران ۾ هم آهنگي ۽ قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا، وزيراعظم

اسلام آباد (اياز مهر) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ادارن ۾ ٽڪراءُ نه پر هم آهنگي چاهيون ٿا، هر ادارو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري. ادارا رياست جا ٿنڀا هوندا آهن ۽ رياست جو مفاد هر قيمت تي سڀ کان مٿانهون هوندو آهي. اسانکي رياستي ادارن سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ قانون جي حڪمراني جي حمايت ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس بعد سندس معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس کي وزير قاون ۽ قانوني ماهرن جي ٽيم بريفنگ ڏني جنهن بعد طئي ڪيو ويو ته خصوصي عدالت جي تفصيلي فيصلي بعد هر پاسي کان قانوني جائزو وٺي حڪومت بعد ۾ پنهنجو موقف پيش ڪندي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم پارليماني ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته اسپيڪر جي صلاح سان اليڪشن ڪميشن ۾ تقررين بابت جلد فيصلو ڪيو وڃي ۽ اپوزيشن سان ان باري ۾ ڳالهايو وڃي ته اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي تقرري غير جانبداري جي بنياد تي هئڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن جي ٻن جماعتن کي اختيار نه هجڻ گهرجي ۽ ان جو مستقل قانوني حل ڳوليو وڃي. وزيراعظم جي معاون خصوصي ٻڌايو ته اجلاس کي وزيراعظم ۽ پرڏيهي کاتي جي وزير ڪولالمپور ڪانفرنس بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. جنهن ۾ ٻڌايو ته پاڪستان ڪنهن هڪ يا ٻن اسلامي ملڪن جي مفاد نه پر پوري مسلمان امت جي مفاد ۾ سوچي ٿو ۽ چاهيون ٿا ته سڄي مسلمان امت ۾ ٻڌي پيدا ڪريون. اسين او آءِ سي کي اهم ادارو سمجهون ٿا جنهن ۾ 57 اسلامي ملڪ آهن. ياد رهي ته ميڊيا ۾ اهي خبرون هلي رهيون آهن ته سعودي عرب کي ڪوالالمپور ڪانفرنس تي اعتراض هو جنهن سبب پاڪستان شريڪ نه ٿيو. ڪجهه تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته ترڪي ۽ ملائيشيا اقوام متحده جي فورم تي ڪشمير جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ عرب ملڪن مودي کي قومي اعزاز پئي ڏنا ان ڪري پاڪستان کي ڪنهن جي چوڻ تي فيصلو ڪرڻ بدران ملڪي مفاد ۾ فيصلو ڪرڻ گهرجي. فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته انصاف لائر فورم جي وڪيلن کي سرڪاري وڪيلن جي عهدن تي لڳايو ويندو، مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان ڪٺڻ بابت قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو. آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ بابت نظر ثاني اپيل داخل ڪرڻ يا قانون سازي بابت فيصلو نه ٿي سگهيو.

2 تبصرو “ادران ۾ هم آهنگي ۽ قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا، وزيراعظم

پهنجو تبصرو موڪليو