ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا تي اداڪارن خلاف قابل اعتراض مواد اپ لوڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي اي، وفاقي حڪومت ۽ ايف آءِ اي کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.سوشل ميڊيا تي اداڪارن خلاف قابل اعتراض مواد اپ لوڊ ڪرڻ تي مشهور اداڪارا مهوش حيات ۽ ڪبرا خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي)، وفاقي حڪومت ۽ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جواب جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پبلڪ پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته مواد هٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي، ڇا هٽايو ويو؟ پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته مهوش حيات جو بيان ورتو ويو آهي، ڪبيري خان جو بيان وٺڻو آهي.جاچ آفيسر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم چيو ته پي ٽي اي کي مواد هٽائڻ لاءِ چيو ويو آهي، لاڳاپيل مواد جلد هٽايو ويندو.پي ٽي اي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته اعتراض واري مواد جيڪو پاڻ هٽائي سگهيو هو پاڻ هٽايو ويو، پرڏيهه مان مواد هٽائڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي جي عورت جاچ آفيسر چيو ته ايف آءِ اي شڪايتي نمبر جاري ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جلد مواد ڪڍيو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










