ادارو پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي پيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي خاص هدايتن تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن شهرين کي پاڻي جي فراهمي بنا ڪنهن وقفي ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن سياست، مذهب، قوم، ذات پات ۽ نسل جي بنا ڪنھن فرق سمورن شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون سموريون سهولتون فراهم ڪري ٿي جڏھن تہ واٽر ڪارپوريشن هڪ نئين عزم ۽ نئين سڃاڻپ سان شهرين جي خدمت لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران پارلياماني ليڊر ڪي ايم سي پي ٽي آئي اسد عمان ۽ ڊپٽي پارلياماني ليڊر صلاح الدين جي قيادت ۾ آيل مومن آباد ٽائون، اورنگي ٽائون ۽ ڪورنگي ٽائون جي مختلف چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي محمد حنيف بلوچ، ظفر پليجو، آفتاب عالم چانڊيو، سڪندر زرداري سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا، ان موقعي تي وفد پاران واٽر ڪارپوريشن عملدارن کي مومن آباد ٽائون، اورنگي ٽائون ۽ ڪورنگي ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مختلف مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، سي او واٽر ڪارپوريشن پاران وفد کي سمورين شڪايتن جي فوري حل جو يقين ڏياريندي موقعي تي ئي لاڳاپيل آفيسرن کي حڪم جاري ڪندي پابند ڪيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ يو سي ۽ ٽائون چيئرمينن سان گڏجي سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون ڇاڪاڻ تہ شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي پھرين ترجيح ۾ شامل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو