اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا چيو آهي ته اختلافن باوجود مولانا فضل الرحمان سان گڏ ويهندس.ميڊيا سان ڳالهائيندي صاحبزاده حامد رضا چيو ته منهنجي موقف جي ٻئي حصي کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو، اتحاد ۾ اڪثريت يا اتفاق راءِ سان فيصلا ٿيندا ته مان قبول ڪندس.هن چيو ته جيڪڏهن چار يا هڪ اڪثريت راءِ سان مولانا سان گڏ وڃڻ جو فيصلو ٿيو ته مان به شامل ٿي ويندس. صاحبزاده حامد رضا جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي ڳالهه رکي، پر جيڪڏهن مولانا سان گڏ وڃڻ جو فيصلو ٿيو ته شامل ٿي ويندس، اتحاد جي فيصلن جو پابند آهيان.سُني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه وڌيڪ چيو ته هو مولانا فضل الرحمان سان گڏ ويهندا، اتحاد جي فيصلي کي قبول ڪندا.هن جو اهو به چوڻ آهي ته 5 ڏينهن اڳ مولانا عطاءُ الرحمان کي سينيٽ جي مذهبي معاملن واري ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو هو، کيس مسلم ليگ ن جو حامي چونڊيو ويو، اهڙيون حرڪتون خدشن کي جنم ڏين ٿيون.
بس اڏن جي شهر کان ٻاهر منتقلي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو
وڏي وزير طرفان شاهد رسول کي ڊگري ملڻ تي مبارڪباد
ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڦر جي ڪوشش ناڪام، 2 ڄڻا مارجي ويا
سوشل ميڊيا جي استعمال تي وڌيڪ 12 پوليس اهلڪار معطل
اختر مينگل پنهنجي سياست کي بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني
پي ٽي آءِ جلسي لاءِ سڄو سامان ڪي پي مان آڻڻ جو فيصلو
نيب ترميمن جي بحالي بعد 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ رعايت جي گهر
عمر ايوب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سلمان راجا جنرل سيڪريٽري مقرر
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت جون اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتون
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار