اختر مينگل کي اين اي 264 تان اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)اليڪشن ٽربيونل بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل گروپ جي سربراهه سردار اختر مينگل کي اين اي 264 تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.ڪوئيٽا ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ اقامي جي بنياد تي بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي،ٻڌڻي جي موقعي تي سردار اختر مينگل جا وڪيل ساجد ترين ۽ جواد احمد ٽربيونل ۾ پيش ٿيا. هن جو موقف هو ته سردار اختر مينگل سفري مقصدن لاءِ اقاما حاصل ڪيو هو، اقاما مان ڪو به مالي فائدو نه ٿيو، ان موقعي تي ٽربيونل پڇاڻو ڪيو ته ڇا سردار اختر مينگل جي اقاما تي ملازم هجڻ جا ثبوت آهن،جنهن تي سندس وڪيل چيو ته سردار اختر مينگل جي اقامي ذريعي تنخواه يا مالي فائدو جو ڪو به ثبوت ناهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سردار اختر مينگل پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ اقاما جو ذڪر ناهي ڪيو جيڪو بدنيتي جي زمري ۾ اچي ٿو. بي اين پي سربراهه جي وڪيل چيو ته ٻين سياسي اڳواڻن به عهدا حاصل ڪيا پر انهن کي اليڪشن لاءِ اهل قرار ڏنو ويو آهي، دليلن کانپوءِ ٽربيونل سردار اختر مينگل کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو