اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بي اين پي مينگل سربراهه اختر مينگل پاڪستان پهچي ويو،پارٽي وقتي صدر ساجد ترين پارٽي اڳواڻن سميت سندس ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو،ذريعن موجب اختر مينگل پنهنجي اڳواڻن سان اڄ ملاقات ڪري مستقبل جي حڪمت عملي بابت غور ڪندو،اختر مينگل پنهنجي ٻن سينيٽرن جي خاندان سان ملاقات ڪندو،ذريعن وٽ معلوم ٿيو آهي ته اختر مينگل مولانا فضل الرحمان ۽ پي ٽي آءِ سميت ٻين اڳواڻن ملاقات ڪري ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو










