ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل کي پرڏيهه سفر ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي اختيارين موجب، اختر مينگل کي دبئي ويندڙ هڪ خانگي ايئر لائن جي پرواز مان آف لوڊ ڪيو ويو. اختر مينگل کي دبئي سفر ڪرڻ کان روڪيو ويو ڇاڪاڻ ته سندس نالو پي اين آءِ ايل ۾ هو. ان حوالي سان سردار اختر مينگل جو چوڻ آهي ته هو دبئي وڃي رهيو هو، مون کي آف لوڊ ڪيو ويو، اميگريشن اسٽاف مون کي ٻڌايو ته منهنجو نالو عارضي قومي سڃاڻپ لسٽ ۾ آهي. اڳوڻي وفاقي وزير آغا حسن ۽ غلام نبي مري اختر مينگل کي پرڏيهه سفر ڪرڻ کان روڪڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته سردار اختر مينگل کي پرڏيهه سفر ڪرڻ کان روڪڻ غير قانوني ۽ غير آئيني آهي. اختر مينگل اڃا تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي، سندس استعيفيٰ اڃا تائين قبول نه ڪئي وئي آهي.










