اخباري هاڪر جون ٻڪريون چوري، احتجاج

خانپورمهر(رپورٽر) لنڊبازار مان اخباري هاڪر شبيرلنڊ جي گهران نامعلوم چور رات جي وقت ٻه ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿي ويا. ٻڪريون چوري ٿيڻ خلاف هاڪرن رشيد ميراڻي، شبيرلنڊ ۽ ٻين احتجاج ڪيو. متاثره هاڪرچيو ته اخبارون کپائي پيٽ گذر ڪيون ٿا پوليس چوڪي تي اطلاع ڏنو پر پوليس نه ئي چورن کي گرفتار ڪيو نه وري چوري ٿيل ٻڪريون واپس ڪرايون مظاهرين ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور هاڪر جي گهران چوري ٿيل ٻڪريون واپس ڪرايون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو