احساس ڪفالت جا پيسا نه مليا عورتن جو احتجاج

احساس ڪفالت جا پيسا نه مليا عورتن جو احتجاج

راڄوخاناڻي (ن سنڌ يار) راڄوخاناڻي ۾ احساس ڪفالت جو سينٽر کولڻ باوجود چار ڏينهن کان ڊوائيسن جي لوڪيشن نه ملڻ جي ڪري پئسا ورهائڻ جو عمل شروع نه ٿي سگهڻ تي سوين مستحق عورتن هاءِ اسڪول راڄوخاناڻي اڳيان راڄوخاناڻي کان تلهار ويندڙ مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسي سوين گاڏيون گڏ ٿي ويون.احتجاج دوران سوين عورتن صحافين اڳيان داهيندي ٻڌايو ته اسان گذريل چئن ڏينهن کان روزانو صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳين تائين سينٽر تي اچي بک ۽ اڃ تي لائين ۾ ويهي سڄو ڏينهن انتظار ڪري بنا پئسا ملڻ جي واپس ٿا وڃو، اسان کي هر روز صرف آسرا ٿا ڏين ۽ پئسا ڏيڻ لاء تيار نه آهن، هاڻ اسان کي رقم نه ملي ته اسان هر روز هتي اچي احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪنديوسين.ٻئي طرف ڊوائيس هولڊرن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيستائين ايڇ بي ايل انتظاميا اسان جي ڊوائيس جي لوڪيشن آن نه ڪندي ان وقت تائين پئسن جي ورهاست جو عمل شروع نه ٿي سگهندو، اسان مسلسل چئن ڏينهن کان انتظاميا سان رابطي ۾ آهيون، هر روز اسان کي لوڪيشن آن ڪرڻ جا آسرا ملن ٿا پر چار ڏينهن گذرڻ باوجود لوڪيشن نه ملي سگهي آهي، ان ڪري ئي پئسن جي ورهاست وارو عمل رڪيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو