احتساب جو دڪان کليل هو، عمران تحفا کپائڻ لاءِ ئي ورتا: سعيد غني

احتساب جو دڪان کليل هو، عمران تحفا کپائڻ لاءِ ئي ورتا: سعيد غني

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي محنت ۽ فردي طاقت واري وزير سعيد غني چيو آهي ته شهزاد اڪبر احتساب جو سربراهه هو ۽ هن دڪان کولي ڇڏيو هو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته عمران خان کي ملندڙ تحفن جو ملهه اربين رپيا هو، هن تحفا ورتا ئي کپائڻ جي نيت سان هيا.سعيد غني چيو ته ڀاڄيون يا فروٽ وٺڻ وڃو ته به پرچي ملي ويندي آهي، عمران خان ڪروڙين رپين جو سودو ڪيو ۽ ڪا به رسيد نه لکي.هن چيو ته عمران خان بي بنياد الزام هڻي ٿو، ڪير کانئس ڪجهه به نٿو پڇي.صوبائي وزير چيو ته عمران خان تمام وڏو ڪرپٽ، ڏوهاري ۽ چور سياستدان آهي، اهو آءِ جي، ججن ۽ آفيسرن کي به ڌمڪيون ڏينديون آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مديني واري رياست جا سچا ۽ امانتدار حڪمران ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيا هئا، عمران خان ٻاويهه ڪروڙ ماڻهن لاءِ شرمندگي جو سبب بڻيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو