اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جا حملا، 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي 2 حملن دوران 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.ذريعن ٻڌايو آهي ته پهريون حملو تعلقه دته خيل جي علائقي حسن خيل ۾ ان وقت ٿيو جڏهن بم ڊسپوزل يونٽ کي نشانو بنائيندڙ ديسي ساخته بم ڦاٽي پيو ڌماڪي کان فورن بعد دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.ٻئي واقعي ۾ دهشتگردن مير علي جي علائقي سيمن ۾ سيڪيورٽي پوسٽ تي حملو ڪري 2 اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو.اهلڪارن جي مڙهه زخمين کي سي ايم ايڇ بنون منتقل ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز حملن جي فوري بعد علائقن کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي. پوليس ذريعن موجب اتر وزيرستان ۾ 9 مئي جي رات تعلقي شيوا ۾نامعلوم عسڪريت پسندن ڇوڪرين جي هڪ نجي اسڪول کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. هن چيو ته عسڪريت پسندن پهرين اسڪول جي چوڪيدار کي تشدد جو نشانو بنايو ۽ بعد ۾ اسڪول جي 2 ڪمرن کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو