آڪٽوبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 56 سيڪڙو رهيو:اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پرڏيهي اڪائونٽس جو ڳڻپ جاري ڪندي چيو آهي ته سيپٽمبر 2022 جي مقابلي ۾ آڪٽوبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 56 سيڪڙو وڌي ويو آهي.سينٽرل بئنڪ آف پاڪستان جي اعلان موجب آڪٽوبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 567 ملين ڊالر رهيو.هلندڙ مالي سال جي پهرين 4 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 2.82 ارب ڊالر هو، اهو خسارو گذريل مالي سال جي پهرين 4 مهينن جي ڀيٽ ۾ 46 سيڪڙو گهٽ آهي.گذريل مالي سال جي جولاءِ کان آڪٽوبر تائين جاري خسارو 5.30 ارب ڊالر هو، درآمدات ۾ گهٽتائي سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي ويو آهي.جولاءِ کان آڪٽوبر تائين ملڪي درآمدات 20 ارب 61 ڪروڙ ڊالر جون رهيون، جڏهن ته گذريل مالي سال جي انهن 4 مهينن ۾ 23 ارب 32 ڪروڙ ڊالر جون درآمدات هيون.هلندڙ مالي سال جي 4 مهينن ۾ درآمدات گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو گهٽ آهن. 4 مهينن لاءِ برآمدات 2.61 سيڪڙو وڌي 9.82 ارب ڊالر ٿي ويون، جولاءِ کان آڪٽوبر تائين واپاري خسارو 10 ارب 79 ڪروڙ ڊالر رهيو.گذريل 4 مهينن ۾ واپار، خدمتن ۽ آمدني اڪائونٽن جو خسارو 13 ارب ڊالر رهيو جڏهن ته مزدورن جي موڪلون 9 ارب 90 ڪروڙ ڊالر رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو