آڙين جو غيرقانوني شڪار 2 جوابدار جيل حوالي 31 پکي هٿ

دادو(ادل مهيسر)وائلڊ لائيف جي ڇاپا مار ٽيم دادو جي جڙيل شاهه مارڪيٽ ۾ ڇاپو هڻي 31 زندهه ۽ 5 ڪٺل آڙيون هٿ ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. انسپيڪٽر عبدالقيوم چنا ۽ سڪندر علي برھماڻي جي اڳواڻي ۾ ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪئي. جوابدار الھجڙيو ملاح ۽ توفيق ملاح کي گرفتار ڪري مهمان پکين جي غيرقنوني شڪار تي کين ڪنزيومر ڪورٽ ۾ پيش ڪيو . عدالت  جوابدارن کي 14 ڏينھن جي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. جڏھن ته جوابدار شاھنواز ملاح عرف شانو جنهن ٽيم سان هاٿا پائي ڪندي منهن ماري ڪئي، اهو  فرار ٿي ويو جنھن جي  خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو