آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي.آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن بابت اڄوڪي ٻڌڻي جو حڪم 8 صفحن تي مشتمل آهي، اهو حڪم چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال لکيو آهي. ڪميشن جي قيام خلاف درخواست داخل ڪندڙ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان ڪوبه ٻڌڻي ۾ پيش نه ٿيو.لکت واري حڪم موجب سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن جي تحريري حڪم ۾ ڪارروائي تي به اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو ۽ آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جي قيام جو 19 مئي جو حڪومتي نوٽيفڪيشن به معطل ڪيو ويو.سپريم ڪورٽ پنهنجي لکت واري حڪم ۾ چيو آهي ته آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جي ايندڙ ٻڌڻي 31 مئي تي ٿيندي.سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن ۾ ججن جي نامزدگي بابت چيف جسٽس جي مشاورت لازمي عمل آهي.سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته وفاق جي اصول تحت ٻن هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسن جي نامزدگي لاءِ به چيف جسٽس جي مشاورت ضروري آهي. وفاقي حڪومت طرفان ججن جي نامزدگي ججن تي شڪ پيدا ڪري ڇڏيا آهن.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس اظهر رضوي تي ٻڌل لارجر بينچ عمران خان ۽ ٻين جي آڊيو ليڪس خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي اٽارني جنرل چيف جسٽس جي بينچ ۾ شموليت تي اعتراض ڪندي چيو ته درخواست آهي ته چيف جسٽس کي بينچ جو حصو نه بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو