اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطابنديال آڊيٽوريم ڪميشن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي.چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ آڊيو ليڪ ڪميشن خلاف درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي ڪندي.بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل آهن.جسٽس حسن اظهر رضوي به 5 رڪني لارجر بينچ جو حصو هوندو.
