اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينه آپريشن عزم استحڪام لاءِ 20 ارب روپيه ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي معاشي، سياسي صورتحال سميت 6 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران وفاقي ڪابينه تازو دهشتگردي جي واقعن تي وڏو فيصلو ڪندي آپريشن عزم استحڪام جي لاءِ 20 ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، اقتصادي رابطه ڪميٽي کان به 20 ارب روپين جي منظوري ورتي وئي آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاقي ڪابينه پنهنجي هٿياربند فوج جي مدد ڪندي. وفاقي ڪابينه دهشتگردي جي تازن واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن تعاون جو ارادو ظاهر ڪيو. اجلاس ۾ ريڪوڊڪ منصوبي جي سيڪيورٽي جي مد ۾ ايف سي بلوچستان لاءِ هڪ ارب 95 ڪروڙ روپين جي منظوري ڏني وئي، وفاقي ڪابينه پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ ۽ ڪفايت شعاري جو به فيصلو ڪيو.وفاقي حڪومت ۾ رائٽ سائزنگ ڪميٽي پهرين مرحلي جون سفارشون پيش ڪيو جنهن جي ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينه اجلاس ۾ سي سي ايل سي ۽ اي سي سي اجلاسن جي فيصلن جي توثيق به ڪئي وئي، ڪابينه اقتصادي رابطه ڪميٽي جي 22 آگسٽ جي فيصلن جي توثيق جي منظوري ڏئي ڇڏي.وفاقي ڪابينه کي پي ڊبليو ڊي جي اسٽاف ۽ پي ايس ڊي پي منصوبن جي منتقلي جي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ پرڏيهي ڪنوينشن ريڪوري آف مينٽينس بابت ايجنڊا ايٽم جو به جائزو ورتو ويو.










