آمريڪي ڊالر سستو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر جي قيمت ۾ هڪ رپيو وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ هڪ رپيو 282 رپيا 62 پيسا گهٽجي ويو جيڪو گذريل ڪاروباري ڏينهن جي آخر ۾ 283 رپيا 62 پيسا هو. ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت ڪاروبار جو رجحان ڏٺو پيو وڃي ۽ 100 انڊيڪس 92 پوائنٽن جي واڌ سان 47544 تي واپار ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو