گوجرانوالا ( ويب ڊيسڪ ) توانائي واري وزير خرم دستگير ايٽمي پروگرام بابت آمريڪي صدر جي بيان کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو . گوجروانوالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خرم دستگير آمريڪي صدر جي بيان بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي پروٽيڪشن جون عالمي ايجنسيون هڪ ڀيرو نه ڪيئي ڀيرا تصديق ڪري چڪيون آهن، اسان جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم بلڪل محفوظ آهي. خرم دستگير چيو ته اسان جي ايٽمي پروگرام تي پوري طرح هر قسم جي پروٽيڪشن عالمي طور تي موجود آهي، پاڪستان جي جوهري پروگرام تي آمريڪي صدر جي بيان مڪمل طو ربي بنياد آهي.










