واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڄاول سوئس ڳائڻي، اداڪارا، ڊانسر ۽ راڪ اينڊ رول ڪوئن ٽينا ٽرنر 83 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ٽينا ٽرنر ڊگهي بيماري کانپوءِ سوئٽزرلينڊ ۾ فوت ٿي وئي.هوءَ سڀ کان وڌيڪ محبوب آمريڪي ڄاول عورت راڪ ڳائڻي هئي.ڳائڻي کي 25 ڀيرا گريمي ايوارڊز لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، 8 ڀيرا کٽيو ويو آهي، ۽ 3 ڀيرا لائف ٽائيم گريمي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو آهي.ٽينا ٽرنر 2009 کان موسيقي جي دنيا کي ڇڏي ڏنو آهي.مِڪ جيگر جو چوڻ هو ته ٽينا ٽرنر ننڍي هوندي سندس تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ اها ڳالهه هو ڪڏهن به وساري نه سگهندي.عالمي شهرت يافته فيشن ڊيزائنر جو جيو اماني چيو آهي ته ٽينا ٽرنر جي پرجوش ميوزڪ هميشه زنده رهندي، کيس فخر آهي ته ٽينا ٽرنر کي ڪيترائي ڀيرا لباس ڏيڻ جو موقعو مليو آهي.
