اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان الوداعي ملاقات ڪئي آهي.ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ۽ آمريڪي ڊپٽي هيڊ آف مشن نيٽالي بيڪر پڻ موجود هيون.ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.محسن نقوي پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي خدمتن جي تعريف ڪئي ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاڪستان ۾ تازن دهشتگرد واقعن جي مذمت ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، ۽ عالمي برادري کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ هڪ ايڪشن پلان تيار ڪيو وڃي.گهرو وزير چيو ته ڪنهن به پرڏيهي کي غير قانوني طور تي پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ۾ پنهنجي مقرري دوران کيس سڀني ادارن کان مڪمل مدد ملي.










