سائفر سازش، سپريم ڪورٽ ۾ اپيل چيمبر ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

سائفر سازش، سپريم ڪورٽ ۾ اپيل چيمبر ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪي سائفر ذريعي مبينا سازش تحت عمران خان جي حڪومت هٽائڻ جي جاچ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ داخل چيمبر اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.چيمبر اپيلن جي ٻڌڻي جسٽس سردار طارق مسعود 24 جنوري تي ڪندو.درخواستون مبينا عالمي سازش ذريعي عمران خان جي حڪومت کي هٽائڻ جي جاچ لاءِ داخل ڪيون ويون هيون پر سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار درخواستن تي مختلف اعتراض لاڳو ڪندي انهن کي واپس ڪري ڇڏيو هو.درخواستگزارن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جي اعتراض خلاف اپيلون داخل ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو