واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ سياري جي طوفان سبب 2000 پروازون منسوخ ۽ 15000 دير ٿي ويون آهن.پرڏيهي خابرو اداري موجب مشي گن ۾ سياري جي طوفان سبب هڪ فائر فائٽر فوت ٿي ويو.نيوز ايجنسي موجب نيويارڪ، وڪوسنسن، ايلينوس، انڊيانا ۽ مشي گن ۾ 900,000 کان وڌيڪ گهر ۽ ڪاروبار بجلي کان محروم آهن.رپورٽن مطابق ڪيليفورنيا ۾ سياري جي طوفان جي وارننگن سان گڏ گهڻو علائقو الڳ نظام سان گڏ غير معمولي موسم جو شڪار آهي.ٻئي طرف اوهائيو وادي ۽ ڏاکڻي حصي ۾ نوان رڪارڊ بلند ٿيڻ جو امڪان آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب فلوريڊا ۾ پارو 31 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي وڃڻ جو امڪان آهي.










