ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته فلسطيني ٻارن ۽ عورتن جي شهادت آمريڪا کي ڪا اهميت نه آهي.حافظ نعيم الرحمان پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ فلسطين جي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته غزه ۾ اسرائيل طرفان مسلسل بمباري ٿي رهي آهي، آمريڪا اسرائيل جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.هن چيو ته اسرائيلي بمباري ۾ هن وقت تائين 11 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
