واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته آمريڪا ڏانهن پاڪستاني برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ ان جو حجم 9 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 9 ارب ڊالرن جي پاڪستاني برآمدات ۾ ساليانو 35 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ پاڪستاني سفير مسعود خان چيو ته گذريل سال آمريڪا ڏانهن پاڪستاني ايڪسپورٽ 7 ارب ڊالر هئي، جڏهن ته پاڪستاني ايڪسپورٽ 9 ارب ڊالر هئي، سامان جو واپار 6.8 ارب ڊالر رهيو.هن چيو ته آءِ ٽي سميت خدمتن جي برآمد 2.2 بلين ڊالر رهي، پاڪستان کان آمريڪا کي 1.4 بلين ڊالرن جون آءِ ٽي پروڊڪٽس برآمد ڪيون ويون.مسعود خان چيو ته 22-2021ع ۾ آمريڪا مان 3 ارب ڊالر جون درآمدون هيون، جڏهن ته گذريل سال 2.4 بلين ڊالر جون درآمدون هيون، هن سال پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپار جو مجموعي حجم 12 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل سال پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپار جو حجم ساڍا 9 ارب ڊالر هو ۽ جيڪڏهن برآمدات ۾ ساليانو 35 سيڪڙو اضافو رهيو ته ايندڙ 3 سالن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپار جو حجم 20 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندو. مسعود خان اهو پڻ ٻڌايو آهي ته گذريل 1 سال ۾، پاڪستاني ٽيڪنيڪي اسٽارٽ اپس 800 ملين ڊالر گڏ ڪيا آهن، جن مان 60 سيڪڙو آمريڪي وينچر ڪيپيٽل فرمز طرفان فنڊ ڪيا ويا آهن.










