آمريڪا پاڪستان جي صورتحال جي نگراني ڪري پيو: ميٿيو ملر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاڪستان جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي.واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته اسان جي ڪنهن به سياسي اميدوار يا پارٽي تي ڪا به پوزيشن ناهي.هن وڌيڪ چيو ته جمهوري قدرن تي عملدرآمد، تقرير جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني سڀني تي لاڳو ٿيڻ گهرجي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي سهولتن تي حملن تي افسوس آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو