آمريڪا پاران ڳالهيون ختم ڪرڻ بعد طالبان جو روس ڏانهن رخ

دوحه (ويب نيوز) آمريڪي صدر پاران طالبان سان ڳالهيون ختم ڪرڻ بعد طالبان جو وفد روس روانو ٿي ويو آهي. طالبان جي نمائندي جو چوڻ آهي ته روس سان اافغانستان ۾ قيام امن بابت ڳالهوين ڪيون وينديون. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪابل ۾ ٿيل ڌماڪي بعد آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيمپ ڊيوڊ ۾ طالبان جي وفد سان طئي ڪيل ملاقات رد ڪندي ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ان کان اڳ افغان ڄائي آمريڪي ظلمي خليل زاد سان دوحه ۾ ٿيل ڳالهيون ڪامياب ٿيون هيون ۽ ٻنهي ڌرين چيو هو ته هو معاهد جي ويجهو پهچي ويا آهن. جڏهن ظلمي خليل زاد افغان صدر اشرف غني سان ڳالهايو ته هن طالبان جي شرطن تي تحفظات ظاهر ڪندي اوچتو واسنگٽن جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو هو. جنهن بعد صدر ٽرمپ طالبان سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. آمريڪا افغانستان ۾ طالبان جون پر تشدد ڪاروايون بند ڪرائڻ چاهي ٿو جيئن هو پنهنجي 5 هزار فوج واپس موڪلي سگهي. روس افغانستان جي سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جون طالبان سان ڳالهين جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ هن جو زور آهي ته ڌريو ن پرامن طريقي سان مسئلو حل ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو