آمريڪا وڃڻ ڏيو، شرجيل جي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيو. سندس وڪيل جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ جي نياڻي جي آمريڪا جي يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي آهي ۽ هو بطور والد پهرين ڏينهن نياني کي يونيورسٽي ڇڏڻ وڇڻ ڄاهي ٿو. هن چيو ته جيڪا ضمانت وٺو هو ڏيڻ لاءِ تيار آهي رڳو هڪ ڀيرو وڃڻ ڏيو. عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي 10 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري وروتو آهي. ياد رهي ته شرجيل ميمن تي نيب پاران آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ غير قانوني ڀرتين جا ڪيس آهن جن ۾ هن سنڌ ۽ اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽن من ضمانت حاصل ڪرايل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو