واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ ريپبلڪن پارٽي کي هڪ ٻيو ڌڪ، لڳ ڀڳ 5 ڏهاڪن کان ڪنٽرول ڪرڻ کانپوءِ رياست الاسڪا ۾ ريپبلڪن پارٽي کي چونڊ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.آمريڪي ڪانگريس جي خاص چونڊ ۾ اڳوڻي گورنر ساره پيلن کي ڊيموڪريٽڪ اميدوار ميري پٽولا هٿان شڪست ملي.ميري پيلٽولا ڪانگريس جي پهرين الاسڪا مقامي ميمبر بڻجي ويندي، ساره پيلن کي 3 سيڪڙو پوائنٽس تان شڪست ڏئي.ساره پيلن کي اهڙي حالت ۾ شڪست ڏني وئي آهي جو اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2020ع ۾ 10 سيڪڙو پوائنٽس سان کٽيو هو.










