آل پليدار محنت ڪش مزدور يونين جو اجورو گهٽ ملڻ خلاف احتجاج

ٽنڊومحمدخان (لال بخش سٺيو) آل پليدار محنت ڪش مزدور يونين جي ضلعي صدر نويد نوناري، نائب صدر رمضان ملاح جي اڳواڻي ۾ بلڙي شاھ ڪريم جي سياسي سماجي ماڻهن سميت سوين مزدورن جو شھر جي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيوويو. ريلي ۾ شامل ماڻحهن مزدور مزدور بھائي بھائي جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيان سان ڳالهائيندي چيو ته هتان جا ڪارخانيدار ۽ دوڪاندار اسان کي اسان جي پورهئي جو اجورو پورو ادا نه ٿا ڪن جڏھن ته ايگريمينٽ مطابق اسان کي هو مزدوري ڏيڻ بجاءِ سڄي ڏينهن جي مزدوري جو اجورو صرف 300 روپيا ڏنو پيو وڃي جنهن مان اسان جي ھڪ وقت جو ويلو به نه ٿو ٿئي. هنن وڍيڪ  چيو ته اسان کي جيستائين اسان جو پورو حق نه ڏنو ويندو تيستائين اسان ڪم نه ڪنداسين. جڏهن ته مظاھرين سان  ايس ايچ او بلڙي پھچي ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.  ان موقعي تي آل پليدار مزدور يونين اڳواڻ پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته ايس ايچ او بلڙي ڌرڻي ۾ پھچي اسان سان ڳالهيون ڪيون آهن جنهن کان پوءِ ٻيهر لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو