آفيسرن سميت سموري سنڌ کي عيد ڏهاڙو مبارڪ

آفيسرن سميت سموري سنڌ کي عيد ڏهاڙو مبارڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جو چوڻ آهي ته اسان کي معاشري جي گندگي کي صاف ڪرڻو آهي.ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي رفعت مختار راجا چيو ته پوليس يونيفارم پائڻ سان به خدمت ڪندا آهيون، ٽوپي پائي به خدمت ڪندا آهيون.هن چيو ته اسان کي هن ٽوپي ۽ پگهار تي يقين رکڻو آهي، اسان پيار ۽ عزت وارا آهيون، الله اسان کي عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته ٽوپي ۽ بيج امن ۽ محبت جي علامت آهن، مان سنڌ پوليس جي آفيسرن، جوانن ۽ سنڌ جي عوام کي سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيان ٿو.رفعت مختيار راجا چيو ته سنڌ زندگي ڏني، جيئڻ جو نالو سنڌ، سنڌ زندگي آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته اڄڪلهه اجرڪ ٽوپي جي نالي سان منسوب ڪئي وئي آهي، اجرڪ ۽ ٽوپي سنڌ جي سڃاڻپ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو