آفر آرڊر ڏيو، بي چيني ختم ڪيو، اميدوارن جو احتجاج

ڪشمور(جي ايم کوسو) جونيئر ايليمنيٽري اسڪول ٽيچر ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڪشمور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي جعفر کوسو، زاهد کوسو، محمد علي مزاري، الاهي بخش چاچڙ، مدثر جکراڻي ۽ ٻين اميدوارن جو چوڻ هو ته تعليم کاتي جي صوبائي وزير پاران سنڌ جي مڙني ضلعن جي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن کي حڪم جاري ڪيو هيو. ڪراچي جي جي اي ايس ٽي پاس اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا آهن پر ڪشمور ضلعي ۾ ڊي اي او علي اڪبر ڪلهوڙو هتان جي اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي جنهن ڪري ڪشمور ضلعي جي اميدوارن ۾ مايوسي ڇانيل آهي ۽ کين خدشو آهي ته ان عمل ۾ ڪرپشن ڪئي ويندي. احتجاج ڪندڙ اميدوارن سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاھ کي اپيل ڪئي آهي ته ڪشمور ضلعي جي جي اي ايس ٽي پاس اميدوارن کي جلد آفر آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ ترت اپاءُ وٺي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو