آغا عبدالرحيم جو سول اسپتال جو اچانڪ دورو، مريضن سان ملاقات

آغا عبدالرحيم جو سول اسپتال جو اچانڪ دورو، مريضن سان ملاقات

نوشھروفيروز (ن سنڌيار)اسپيشل سيڪريٽري هيلٿ سنڌ آغا عبدالرحيم جو سول اسپتال نوشھروفيروز جو اچانڪ دورو، اسپتال اندر مريضن کي ملندڙ سهولتن بابت پڇاڻو ۽ اسپتال مان جلد پاڻيء جي نيڪال لاء ضلعي انتظاميه سان رابطو ڪري جلد حڪمت عملي ٺاهينداسين۔ ان موقعي تي ڊي ايڇ او نوشھروفيروز ڊاڪٽر اسد علي ڪلهوڙو ۽ سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا جن موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏيندي چيو ته سول اسپتال مان پاڻي نيڪال لاء انتظاميه ڪنهن قسم جو تعاون نه پئي ڪري اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت جهٽن وسيلي پاڻي ڪڍي رهيا آھيون پر ان ۾ ڪجهه ڏينهن لڳندا ڇوته پاڻي تمام گهڻو آھي اسانجي ڪوشش آھي ته مريضن لاء او پي ڊي کولي مختلف شعبن کي ايڪٽو ڪريون ان موقعي تي اسپيشل سيڪريٽري ڪيل پلاننگ جي ساراهه ڪندي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو