آصف ۽ فريال جي عبوري ضمانت ۾ 15 مارچ تائين واڌ

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ مني لانڊرنگ ڪيس ڪراچي مان راولپنڊي منتقل ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران آصف زرداري جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته هي ڪيس ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽسنگ جو نه آهي. وڪيل ايف آءِ اي طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي ۽ چيو ته هي نيب جو ڪيس ٺهي ئي نٿو، پر سنڌ مان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سُپريم ڪورٽ اهڙو ڪوبه حڪم نه ڏنو آهي. آصف زرداري جي وڪيل ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ واري نيب جي درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هي بئنڪنگ ڪورٽ وفاقي عدالت آهي، صوبائي ناهي، جڏهن ته سُپريم ڪورٽ جي حڪم تي ئي 16 ريفرنس ٺاهي رهيا آهيون، تنهن ڪري ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ڌُرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سوڌو ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 15 مارچ تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو