همت اٿو ته دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪريو. بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري حڪومت کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته حڪومت بيلڪ ميلنگ جاري رکي ته حالتن جي ذميوار به حڪومت پاڻ هوندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڃا اسان احتجاج جي ڪال ئي ناهي ڏني، ڪارڪن ته پاڻ گڏ ٿيا، اسين عدالتن ۾ ڪيسن جو مقابلو ڪنداسين، حڪومت ڪالعدم جماعتن جي حمايت ڪندڙن کي ڪيئن ٿي ڪابينا ۾ شامل ڪري سگهي ؟  هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جنوني ۽ انتهاپسندن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ سال جي عمر هئي، جڏهن ڪمپني جو شيئر هولڊر هئم، جيڪڏهن ڪو الزام آهي ته اڻ ڌري جاچ لاءِ تيار آهيان، قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هجڻ گهرجي، عدالتن مان وڏيون اميدون آهن ۽ عدالتن جو احترام آهي. هن چيو ته اسان کي طلب ڪيو ويو آهي ته دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙن کي به طلب ڪيو وڃي، پ پ چيئرمين حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن همت اٿئو ته احسان الله احسان تي به جي آءِ ٽي ٺاهيو، بلاول اڄ گرفتار ڪيل پارٽي ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ته اسلام آباد کي 200 ڏينهن تائين يرغمال بڻائيندڙ پي ٽي آءِ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ به پ پ ڪارڪنن کي برداشت ڪري نه سگهي، پوليس جي تشدد باوجود ڪارڪنن وڏي انگ ۾ پهچي تاريخ رقم ڪئي. ان کان اڳ نيب اسلام آباد هيڊڪوارٽر ۾ پيشي بعد گاڏي جي ڇت تي چڙهي ڪارڪنن کي خطاب دوران هن  چيو ته اسان نوٽيسز کان ڊڄڻ وارا ناهيون، عمران خان جي ڪٺ پتلي حڪومت کي للڪاريندا رهنداسين. هن چيو ته اڄ هڪ نجي ڪمپني جي اهڙي ڪيس ۾ مونکي طلب ڪيو ويو آهي، جيڪا تڏهن ٺهي هئي جڏهن مان هڪ سال جو هئس. هن چيو ته نيب منهنجو هڪ سال جي عمر کان احتساب ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته اسين بينظير ڀٽو جا جيالا آهيون، نوٽيسز کان نه ٿا ڊڄون. هن چيو ته اسان جي غلطي آهي ته پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ نيب جي ڪاري قانون کي ختم نه ڪيو . هن وڌيڪ چيو ته 2002ع دوران نيب کي پيپلزپارٽي جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، نيب قانون ۾ تبديلي نه ڪرڻ اسان جي غلطي هئي، هن چيو ته مستقبل ۾ آئين مان هر اهو ڪارو قانون ڪڍي ڇڏينداسين، جيڪو هڪ آمر شامل ڪيو هو، پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان جي ڪٺ پتلي حڪومت کي للڪاريندا رهنداسين ۽ ڄمي مقابلو ڪنداسين، بندش پيل تنظيمن ۽ انهن جي ساٿارين خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين. بلاول مطالبو ڪيو ته حڪومت بندش پيل تنظيمن سان واسطو رکندڙ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏئي. ان کان اڳ بلاول ۽ آصف علي زرداري نيب عملدارن آڏو پيش ٿيا ته عملدارن کانئن پڇا ڳاڇا ڪئي. هنن نيب عملدارن کي چيو ته کين وڪيلن سان مشاورت ڪرڻ ڏيو بعد ۾ جواب ڏيندا. جنهن بعد نيب عملدارن لکت ۾ پنجاهه کان وڌيڪ سوالن تي مشتمل سوال نامون ڏنو ۽ ٻن هفتن ۾ جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ياد رهي ته لنڊن جي پارڪ لين اپارٽسمينٽ جي ملڪيت بابت نيب پاران طلب ڪرڻ تي سابق صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي نيب پڇا ڳاڇا لاءِ هيڊڪوارٽر طلب ڪيو هو. سندن پيشي جي موقعي تي پهتل جيالن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون، جيالن جو پٿراءٌ ۽ پوليس جي لٺبازي بعد ڪيترن ئي جيالن کي حراست ۾ ورتو ويو. ابتدائي اطلاعن موجب 20ڪجهه جيالا ۽ پوليس وارا زخمي ٿيا آهن. علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پارٽي قيادت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پيپلزپارٽي جا ڪارڪن به وڏي انگ ۾ پهتا، جنهن سبب نادرا چوڪ تي سڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا، پ پ ڪارڪنن طرفان اڳتي وڌڻ  ۽ نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش دوران چڪريون ٿيون ته اهلڪارن جيالن تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو. پ پ اڳواڻ نيئر بخاري جو چوڻ آهي ته پرامن ڪارڪنن تي تشدد برداشت نه ڪيو ويندو،هن موجب 70 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب جي ٽيم عرفان منگي جي سربراهي ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو