آصف زرداري ايم ڪيو ايم کان مهلت گهري ورتي

آصف زرداري ايم ڪيو ايم کان مهلت گهري ورتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)بلدياتي چونڊن ۽ تڪ بندين بابت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مطالبي تي اڳڀرائي ٿي آهي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مطالبي تي اڳوڻي صدر آصف زرداري پارٽي اڳواڻن سان مشاورت لاءِ وقت گهري ورتو.اڳوڻي صدر ايم ڪيو ايم کي يقين ڏياريو آهي ته معاملو ٻن ٽن ڏينهن ۾ حل ڪيو ويندو.آصف زرداري جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي آهي ۽ رهندي، اميد آهي ته معاملو مفاهمت ذريعي حل ٿيندو.هوڏانهن ايم ڪيو ايم پاڪستان تڪبندين واري معاملي تي پنهنجي موقف تي قائم آهي.ٻئي طرف سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته تڪ بنديون ممڪن ناهن، 4 مهينا لڳندا.ان حوالي سان اڄ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ٻي ملاقات جو امڪان آهي.ايم ڪيو ايم اڄ عام ڪارڪنن جو اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ حڪومت کان ڌار ٿيڻ سميت ٻين آپشنز تي ڪارڪنن کان راءِ ورتي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو