آصفه جي نيئر بخاري سان گهرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت

آصفه جي نيئر بخاري سان گهرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري بارا ڪهو ۾ بخاري هائوس پهچي وئي،ترجمان موجب بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري سان سندس زال جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو،سينئر پي پي پي اڳواڻ نير بخاري جي زال لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان جي صبر جي دعا ڪئي، بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ، پي پي پي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري ۽ پي پي پي وومين ونگ سنڌ جي صدر شگفته جماني پڻ نيئر بخاري سان تعزيت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو