آزاد ڪشمير ۾ پرامن احتجاج ۾ ڪجهه شرپسند عنصر به شامل هئا

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ پرامن احتجاج ۾ ڪجهه شرپسند عنصر به شامل هئا. وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي آزاد ڪشمير پهتو، جتي هن مظفر آباد ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم انوار الحق سان گڏ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪابينا اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ماڻهو پنهنجي مطالبن لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا پر ڪو شڪ ناهي ته انهن ۾ ڪجهه شرپسند به شامل هئا، تحريڪ ۾ ڪجهه شهري مارجي ويا، جنهن جي مذمت ڪيان ٿو. هن چيو ته 23 ارب رپيا آزاد ڪشمير حڪومت جي اڪائونٽ ۾ اچي چڪا آهن، اهو ڪو ٿورو ناهي پر اسان جو فرض آهي، ڪشميرين لاءِ سڄي دنيا ۾ آواز اٿاريو ويندو آهي، خاطري ٿو ڪرايان ته اسان آزاد ڪشمير جي عوام سان گڏ آهيون، آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي سان جڙيل آهي. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ اسان جي ڀائرن جون قربانيون ضايع نه وينديون، انهن جي حمايت جاري رکنداسين، والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي معاملي تي دنيا تماشائي بڻيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو