آزادي مارچ خلاف درخواستون رد، احتجاج سڀني جو حق آهي،عدالت

اسلام آباد(اياز مهر) وفاقي گادي واري شهر جي هاءِ ڪورٽ 31 آڪٽوبر تي مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ ۽ ممڪنه ڌرڻي خلاف درخواستون خارج ڪندي چيو آهي ته احتجاج هر شهري جو حق آهي. عدالت جي يو آءِ جي احتجاج خلاف ٻن درخواستن جي گڏيل سماعت ڪئي. چيف جسٽس اطهر من الله جي عدالت ۾ سماعت شروع ٿي ته هڪ مقامي وڪيل حنيف راهي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿيته هن چيو ته احتجاج ڪندڙن جي بظاهر نيت ٺيڪ نٿي لڳي ان ڪري کين روڪيو وڃي. عدالت چيو ته احتجاج ڪرڻ هر شهري جو حق آهي ۽ ان کان دنيا جي ڪا به عدالت نٿي روڪي سگهي. وڪيل چيو ته حڪومت جي پاليسي سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر جمهوري حڪومت خلاف احتجاج نٿو ڪري سگهجي. چيف جسٽس چيو ته عدالت 2014 ۾ تحريڪ انصاف کي به احتجاج جو حق ڏنو هو ۽ انتظاميا کي هدايت ڪئي هئي ته معاملو قانون موجب نمٽايو وڃي. هاڻي به عدالت انتظامايه کي هدايت ٿي ڪري ته احتجاج ڪندڙن ۽ نه ڪندڙن ٻنهي قسم جي شهرين جي حقن جو قانون موجب خيال ڪري. عدالت ٻئي درخواستون نمٽائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو