آر او پلانٽ بند، ڪاڇي واسي زهريلو پاڻي واپرائڻ لڳا

ٽنڊو رحيم خان( مير مرتضيٰ لاشاري) ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾2012–2013 ۾ پاڪ اوسس انڊسٽريز پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني طرفان کاري پاڻي کي مٺي ۾ تبديل ڪرڻ وارا 23 آراو پلانٽ ڏنا ويا جنهن ۾ پٽ سليمان، دودو برهماڻي، پريو جمالي، بهاول ٻٻر، فلو قمبراڻي، مراد جمالي، کنڌاني، ٽنڊو رحيم خان، گاجي شاھ، ساوڙو، بهليل شاھ سميت 23 پلانٽن مان صرف 2 پلانٽ دودو برهماڻي ۽ پٽ سليمان اڄ تائين هلندڙ آهن باقي 21 آرو پلانٽ پهرين ڏينهن کان اڄ تائين گلاس پاڻي جو به نه ڏئي سگهيا. ياد رهي ته پاڪ اوسس ڪمپني طرفان 2013 کان 2019 ڇھن سالن تائين ذميوار هوندي ته 50 رپيه واري ٽونٽي کان 50 هزار واري ڪنهن به پارٽ جي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ اها ڪمپني پنهنجي خرچ تي ٺهرائي ڏيندي پر هتي ته ڪم لٿا پيا آهن.

جڏهن ته انهن آرو پلانٽن جي خراب ٿيڻ جا مختلف سبب ٻڌايا ويا ڪنهن جو ڊرل بور لٽجي ويو، ڪنهن کي ٽرانسفارمر نه ملي سگهيو، ڪنهن جو سولر پينل طوفانن ۾ ڪري ڀڄي پيو، ڪنهن جي پلانٽ لاءِ آيل جرمني مشينري چوري ٿي وئي بهرحال جيڪي به سبب هيا انهي کي وري ٻيهر انهي ڪمپني کي درست ڪري ڏيڻا هئا پر اڄ تائين انهي ڪمپني ڪو رپيئر جو ڪم ناهي ڪرايو.ڳوٺاڻن سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي ته ته انهي ڪمپني خلاف ڪم ڪرائڻ لاءِ ايڪشن کڻي ته جيئن ڪاڇي واسين کي صاف ۽ مٺو پاڻي ملي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو