آرمي چيف پاران نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جو افتتاح

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪراچي ۾ نيشنل ايرو اسپيس سائنس ايند ٽيڪنالاجي پارڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف سيد جنرل عاصم منير نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ، سليڪون ڪراچي جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان هو. ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سِڌو آرمي چيف جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته آرمي چيف نيشنل ايرو اسپيس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ کي قومي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ منصوبو قرار ڏيندي چيو ته اهو منصوبو ٽيڪنيڪي ترقي کي هٿي ڏيندو، قوم لاءِ پاڻ ڀاڙڻ جو پليٽ فارم ثابت ٿيندو، منصوبو نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ڪيترن ئي فائدن جو سبب بڻبو. ان موقعي تي آرمي چيف ايرو اسپيس سائنس جي شعبي ۾ پاڪستان جي هوائي فوج جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. پاڪ فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو منصوبي جي ويزن تي روشني وجهندي ان کي ايرو اسپيس، سائبر ۽ آءِ ٽي جي حوالي سان بهترين منصوبو قرار ڏنو ۽ چيو ته قومي سطح تي اڀرندڙ ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ لاءِ درست رُخ ۾ قدم آهي. سماجي، معاشي، سيڪيورٽي ۽ سائنس جي شعبن ۾ گڏيل ويزن ثابت ٿيندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪورهيڊ ڪوارٽرز ڪراچي جو دورو به ڪيو جتي آرمي چيف کي ڪراچي ڪور جي آپريشنل تيارين ۽ تربيتي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي آرمي چيف کي جوان ۽ شهيدن جي خاندانن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو