لالا موسيٰ (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لالا موسيٰ مان روانگي کان اڳ حقيقي آزادي لانگ مارچ کي ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو آهي ته مان پڇڻ چاهيان ٿو ته هنن چورن ۽ ٺڳن کي اقتدار ۾ ڪنهن آندو؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ هن چيو ته عوام اهو سوال ڪري رهيو آهي ۽ تاريخ ۾ لکجي پيو ته هن ملڪ ۾ ڪهڙو تماشو ٿي رهيو آهي. ”ماڻهن کي خاموش ڪري سوچين ٿا ته…. ارشد شريف سان ڇا ڪيو ويو، قوم صدمي ۾ آهي ۽ پڇي رهي آهي ته ڇا هي ملڪ هلائڻ جو طريقو آهي؟” عمران خان چيو ته اهو ملڪي تاريخ جو فيصلائتو لمحو آهي، عوام کي پي ٽي آءِ جي اسلام آباد لانگ مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو قوم پنهنجي حقن لاءِ ٻاهر نڪري. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي ۾ اهم ترين عهدو آرمي چيف جو آهي ۽ ان جو فيصلو لنڊن ۾ ويٺل سزا يافتا،مفرور ۽ بيماري جو ڪوڙ هڻي ٻاهر ويندڙ (نواز شريف) پيو ڪري. هن چيو ته مون تي آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بنائڻ جو الزام ٿا هڻن، مونکي پنهنجي مرضي جو آرمي چيف، جج، نيب چيئرمين نه گهرجي. مان چاهيان ٿو ميرٽ تي هر مقرري ٿئي. هن چيو ته شهباز شريف ان ماڻهو کي اسلام آباد جو آءِ جي مقرر ڪيو آهي جنهن کي سيف سٽي ڪيس ۾ سزا ملڻ واري هئي، هو ڪرپٽ آهي ۽ ڪرپٽ آفيسر پيو رکي.هن چيو ته شهباز شريف ڊيلي ميل ۾ ڪرپشن جي خبر شايع ٿيڻ تي برطانوي عدالت ۾ ڪيس ڪيو آهي، هاڻي کيس خبر پوندي، هو بري طرح ڦاسندو. هن چيو ته مونکي حيراني آهي ته جيڪو هي چور ڪري رهيا آهن، 30 سالن کان پيسو لٽي ٻاهر موڪليندا رهيا آهن اهي ملڪ پيا هلائين، حڪومت جي هينڊلرز ڪو فڪر آهي ته ملڪ ۾ ڇا پيو ٿئي؟










