آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 9 سال گذري ويا

پشاور: (ويب ڊيسڪ) آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 9 سال گذري ويا. شهيد ٿيلن جي 9 ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. سال 2014 تي اڄوڪي ڏينهن دهشتگردن اسڪول جي معصوم ٻارن کي نشانو بنايو هو جنهن جي نتيجي ۾ 147 ڄڻا شهيد جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.16 ڊسمبر 2014 تي ملڪ جي تاريخ جو ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو. فورسز جون ورديون پاتل علم دشمن 6 دهشتگرد آرمي پبلڪ اسڪول ۾ داخل ٿيا ۽ شاگردن تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ معصوم شاگرد ۽ بيگناهه استاد شهيد ٿي ويا هئا.حملي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز اسڪول جو گهيراءُ ڪيو ۽ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي 6 آپگهاتي حملي آورن کي ڊگهي آپريشن کان پوءِ ماري ڇڏيو هو. دهشتگردن جي حملي ۾ 122 معصوم شاگردن سميت 147 ڄڻا شهيد ٿيا هئا. شهيدن ۾ اسڪول جي پرنسپل طاهره قاضي ۽ اسڪول جي ٽيچر صوفيه حجاب به شامل هيون. دهشتگردن سان مقابلي ۾ 2 آفيسرن سميت 9 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي به ٿيا هئا. ان کان علاوه آرمي پبلڪ اسڪول حملي ۾ ملوث 6 دهشتگردن کي سيڪيورٽي فورسز گرفتار ڪيو هو جنهن کي ملٽري ڪورٽس موت جي سزا ٻڌائي هئي.آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي نتيجي ۾ جتي ملڪ ۾ دهشتگردن جو خاتمو ٿيو اتي ئي علم دشمن عناصرن جا ناپاڪ ارادا به خاڪ ۾ ملي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو