آخري ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان بدترين شڪست

پرٿ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ آخري ۽ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ پرٿ ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ آسٽريلي 10 وڪيٽن تان بدترين شڪسٽ ڏئي سيريزکٽي ورتي. سريلنڪا کانپوءِ مسلسل ٻيو ڀيرو پاڪستان سيريز ۾ وائيٽ واش ٿي ويو. ڊيوڊ وارنر 35 بالن تي 48 رنز ۽ فنچ 36 بالن تي 52 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي ميچ کٽي ورتي. پئي وڃي. آسٽريليا جي ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. 20 اوورز ۾ پاڪستان 8 وڪيٽن تي 106 رنزاهيون، محمد عامر 9 بالن تي 9 ۽ محمد حسنين 10 بالن تي 4 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. بابر اعظم ۽ امام الحق اوپننگ ڪئي ته 15 جي مجموعي اسڪور تي بابر 7 بالن تي 6 رنز ٺاهي مشل اسٽارڪ جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو، ٻئي وڪٽ محمد رضوان جي هئي جنهن کي ايبٽ بولڊ ڪيو، 22 جي اسڪور تي امام الحق 15 بال تي 14 رنز ٺاهي ايبٽ جو شڪار بڻيو، 54 جي مجموعي اسڪور تي 16 بالن تي 8 رنز ٺاهي حارث سهيل ايشٽن جي بال تي ڪين رچرڊسن هٿان ڪيچ ٿيو، خوشدل شاهه 11 بالن تي 8 رنز ٺاهي رچرڊسن جي بال تي مشل هٿان ڪيچ ٿيو، عماد وسيم 6 بالن تي 6 رنز ٺاهي ايبٽ جي بال تي ايشٽن هٿان ڪيچ ٿيو، شاداب خان 8 بالن تي هڪ رن ٺاهي رچرڊسن جي بال تي فنچ هٿان ڪيچ ٿي وااپس موٽيو، افتخار احمد 37 بالن تي 45 رنز ٺاهي رچرڊسن جي بال تي مشل هٿان ڪيچ ٿي ويو. رچرڊسن 3، مشل ۽ ايبٽ ٻه ٻه ۽ ايشٽن هڪ وڪٽ ورتي. ان کان اڳ ٽاس جي موقعي تي پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم چيو ته جيڪڏهن اسين ٽاس کٽون ها ته اسان به اڳ ۾ فيلڊنگ ڪريون ها ڇو ته هي وڪيٽ بالنگ لاءِ بهترين آهي. پاڪستان چار تبديليون ڪيون آهن، فخر الزمان، محمد عرفان، وهاب رياض ۽ آصف علي جي جاءِ تي امام الحق، خوشدل شاهه، محمد حسنين ۽ محمد موسيٰ کي شامل ڪيو آهي. ياد رهي ته خوشدل شاهه ۽ محمد موسيٰ اڄ پهرين انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي کيڏي ڊيبيو ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته پهرين ٽي ٽوئنٽي بارش سبب رد ٿي وئي هئي ٻئي ميچ آسٽريليا وڏي مارجن سان کٽي ويو هو. جيڪڏهن آسٽريليا اڄ کٽي ويو ته پاڪستان وائيٽ واش ٿي ويندو جيڪڏهن پاڪستان ميچ کٽي ته سيريز برابر ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو