ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران صوبائي وزير آبپاشي ايشور لال ۽ سيڪريٽري آبپاشي نياز علي عباسي جي هدايتن تي خرم پرويز رڊ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر سول نارا لفٽ سب ڊويزن سکر ۽ شاهد مهر سب انجنيئر نارا لفٽ سب ڊويزن سکر کي سرڪاري فرضن ۾ غفلت ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو آهي. اهي معطل ٿيل سب انجنيئرز پاڻي چوري ۾ ملوث ثابت ٿيا آهن. ڪالهه خميس ڏينهن جاري هڪ بيان ۾ نگران صوبائي آبپاشي وزير ايشور لعل کاتي جي آفيسرن/ اهلڪارن کي خبردار ڪيو آهي ته سرڪاري فرضن جي ڪارڪردگيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪنداسين ۽ جيڪي به آفيسر ۽ عملي جا ميمبر پنهنجي سرڪاري فرضن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪندا ته انهن جي خلاف کاتيوار ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
