دڙو (ن سنڌ يار) دڙو، ٻنون روڊ تي پ پ ۽ آبادگارن پاران ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ۽ بليڪ مارڪٽنگ خلاف احتجاجي مظاھرو، رپورٽ موجب دڙو، ٻنون ۽ ڀرپاسي جي مختلف ننڍن وڏن شھرن ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري ان کي بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف پ پ اڳواڻ ۽ لائقپور يونين ڪائونسل تي نامزد چئرمين جي اميدوار مير شعبان بڪڪ، پ پ يو سي لائقپور جي صدر رئيس قاسم مگسي، جلال درس، بشير سومرو، غلام رسول بڪڪ، فقير حسين سومرو، ٽي ايل پي اڳواڻ اختر ڪڇي، محمد عمر سومرو، علي حسن خاصخيلي، علي احمد بڪڪ، وقار بڪڪ، شريف پالاري، ليمون خاصخيلي، ھاشم رند، صالع محمد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن دڙو، ٻنون روڊ بڪڪ موري اسٽاپ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو جنھن سبب ڪيترائي ڪلاڪ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي مير شعبان بڪڪ، قاسم مگسي، اختر ڪڇي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ سرڪار پاران سونا ڀاڻ جو سرڪاري اگھ ساڍا 22 سوُ مقرر ٿيل آھي، پر ڀاڻ جي ڊيلر مافيا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري 2700 سوُ کان 2800 سوُ روپين ۾ ڀاڻ جي في ٻوري بليڪ تي وڪرو ڪري رھيا آھن. ھنن چيو تہ ڀاڻ مافيا ھتان جي آبادگارن جو معاشي استحڪام ڪري 3800 سوُ روپين ۾ وياج تي ڀاڻ وڪرو ڪري رھيا آھن، ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، زراعت جي صوبائي وزير اسماعيل راھو، ڊي سي سجاول ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي، تہ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ۽ ان کي بليڪ مارڪٽينگ جو نوٽيس وٺي عوام کي رليف ڏنو وڃي.










