آئيني مسودي جي پهرين مرحلي ۾ مولانا ڪامياب ٿيو

آئيني مسودي جي پهرين مرحلي ۾ مولانا ڪامياب ٿيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان آئيني مسودي جي پهرين مرحلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.عدليه بابت آئيني ترميمن بابت ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو آهي ته مرحوم مفتي محمود به ذوالفقار علي ڀٽو کي اڪيلو شڪست ڏني.هن چيو ته جيڪي چوندا هئا ووٽ کي عزت ڏيو انهن ووٽ لاءِ جمعو بازار لڳائي ڇڏيا آهن.شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته 30 سيپٽمبر تائين هن ملڪ جي جمهوريت جو اوچتو فيصلو ٿيندو.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته 30 سيپٽمبر تي خبر پئجي ويندي ته سياسي اُٺ ڪهڙي پاسي بيٺو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو