آئيني ترميمون ڇا آهن؟ حڪومت ۽ مخالف ڌر وارن کي ڪا خبر ناهي

آئيني ترميمون ڇا آهن؟ حڪومت ۽ مخالف ڌر وارن کي ڪا خبر ناهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله چيو آهي ته آئيني ترميمون ڪهڙيون آهن؟ نه اپوزيشن ۽ نه اتحادي پارٽين کي اها خبر آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ حمدالله چيو ته اهڙي قانون سازي ٿيڻ گهرجي جيڪا ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ هجي.هن چيو ته آئيني ترميمن کي ڪابينا جي ميمبرن کان به لڪايو پيو وڃي، جيڪڏهن اهي آئيني ترميمون ملڪي مفاد ۾ ٿي رهيون آهن ته انهن کي ڇو لڪايو پيو وڃي؟ ڇا اهي ترميمون عدليه جي آزادي لاءِ آهن يا ان تي ڪنٽرلو ڪرڻ آهي؟ حافظ حمدالله جو چوڻ آهي ته حڪومت ڊرافٽ شيئر ڪندي ته ان تي پنهنجو آئوٽ پُٽ ڏينداسين، توهان ٻڌايو ته توهان کي ڪنهن مجبور ڪيو؟ توهان کي جلدي ۾ ڇا آهي؟ جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته هو ججن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي جي مخالفت ڪري رهيا آهن. حڪومت سان ناهيون، حڪومت ترميمن جو مسودو ڏيکاريندي ۽ حڪومت کي سمجهائڻو پوندو ته ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان عدليه ۾ سڌارا آڻڻ چاهيو ٿا ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي، جڏهن ته مون کي خبر ناهي ته اها ڊرافٽ ۾ آهي يا نه؟ پوءِ مان ڇا ڳالهايان؟ حافظ حمدالله اهو به چيو ته توهان اهي ترميمون تڪڙي، جبري ۽ ڳجهي طريقي سان ڇو آڻي رهيا آهيو؟ ڇا اسان رڍون آهيون؟

پهنجو تبصرو موڪليو