حمزه، حيدري ٻاهر، آئيني ترميمي پيڪيج اڄ پيش نه ٿيڻ جو امڪان

حمزه، حيدري ٻاهر، آئيني ترميمي پيڪيج اڄ پيش نه ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي ججن جي مدي بابت آئيني ترميم جو تجويز ڪيل پيڪيج اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش نه ٿيڻ جو امڪان آهي.آءِ جي ترميمن جو تجويز ڪيل پيڪيج اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان هو ۽ گذريل ڏينهن بچاءَ واري وزير خواجا آصف به ان جي تصديق ڪئي هئي.جڏهن ته هاڻي خبرون آهن ته آئيني ترميمن جو تجويز ڪيل پيڪيج اڄ بدران سڀاڻي آچر تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيني ترميمن جو تجويز ڪيل پيڪيج اڄ اسيمبلي جي ٻن ميمبرن جي پرڏيهه ۾ پيش نه ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب حمزا شهباز فرانس مان اڄ وطن واپس ايندو جڏهن ته مولانا عبدالغفور حيدري چين مان اڄ وطن واپس ايندو.اعليٰ حڪومتي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آئيني ترميم جو بل سڀاڻي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو اجلاس سڀاڻي آچر تي گهرائڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو